ٽنڊومحمدخان ۾ بلاول ڀٽو جي ڇٽيهين سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي 36 ھين سالگرھ جي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ٿي گذري، تقريب ۾ پ پ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. 

ان موقعي تي پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جھموريت تي يقين رکي ٿي، عمران سرڪار عوام کي ڪوبه رليف نه ڏنو آھي،  پ پ جو بھادر چيئرمين برساتن ڪري جتي جتي نقصان ٿيو آھي اتي جي ماڻھن جي سھائتا لاء پاڻ پھتو آھي، جلد  نقصان ٿيل علائقن جي  لاءِ پيڪچ جو اعلان ڪيو ويندو.

ھن چيو ته پيپلز پارٽي جھموريت تي يقين رکي ٿي، وفاقي حڪومت عوام کي ڪوڙن دلاسن کان سواءِ ڪجھ نه ڏنو آھي، ايندڙ مھيني کان پ پ چيئرمين جي ھدايت تي سڄي ملڪ ۾ مظاھرا ڪيا ويندا.

تقريب کي عبدالڪريم سومرو ۽ ڊاڪٽر مير حسن ملاح خطاب ڪيو، ان موقعي تي سومراھ ھائوس ۾ پ پ جا ڪارڪن موجود ھئا.