ٽنڊو ڄام ۾ مٽياري جي پريمي جوڙي جي پريس ڪانفرنس، تحفظ جي گهر

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) مٽياري جي رهواسي پريمي جوڙي اقراءَ ڌيءَ شفيع محمد شهوڪ ۽ خالد حسين بڙدي ٽنڊوڄام پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي تحفظ جي گهر ڪئي آهي.

ناري اقراءَ ڌي شفيع محمد شهوڪ چيو ته مون پنهنجي رضا خوشي سان 21 جولاءِ 2020ع تي سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ خالد حسن ولد محمد قاسم بڙدي سان نڪاح ڪيو هو. جنهن تي منهنجو پيءُ شفيع محمد، چاچو عبدالرزاق ۽ ان جو پٽ رحمان شهوڪ اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن. هنن کي بااثر زميندار آخوند عبداللطيف جي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ اهي اسان جي گهر ۾ پيل سامان کڻي ويا آهن ۽ زمين تي پوکيل فصل تباهه ڪري ان تي قبضو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته سيکاٽ پوليس به انهن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي.

ناري اقراءَ چيو ته اسان مٿان داخل ڪيل سمورا ڪيس ڪورٽ ۾ منهنجي جي بيان بعد ختم ٿي چڪا آهن ۽ ايس ايڇ او سيکاٽ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ايس ايڇ او اسان کان ٻه لک رپيا رشوت جي گهر ڪئي. رقم ادا نه ڪري سگهڻ سبب ايس ايڇ او ٻيهر اسان جي مخالفن سان ٻٽ بڻجي ويو آهي.

ناري اقراءَ ۽ سندس مڙس خالد بڙدي اعليٰ اختيارين خاص طور تي وزير اعليٰ سنڌ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ،  آر پي او حيدرآباد کان گهر ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن زمين ۽ گهر تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ساڻن انصاف نه ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سامهون پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين.