ڄام نواز علي ۾ ڳوٺ گل حسن خاصخيلي واسين جو قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

news

ڄام نواز علي (رپورٽ: خالد انور مگسي) ڄام نواز علي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل حسن خاصخيلي ۾ ٻه هفتا اڳ زرعي زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل نظام خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول جي وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو.

مقتول جي وارثن حضور بخش خاصخيلي ۽ پوڙهو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي، زرعي زمين به اسان جي ۽ حملو به اسان مٿان ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس ڄام نواز علي ٿاڻي تي ٽن ڄڻن مٿان داخل آهي، پوليس هڪ جوابدار نبي بخش خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آهي.

باقي ملوث ٻه جوابدار صيفل خاصخيلي ۽ سوڍو خاصخيلي گرفتار ناهن ڪيا ويا، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان جو اڳ نقصان ٿيو آهي، جوابدار  وڌيڪ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، حد جي پوليس ساڻن ٻٽ بڻيل آهي، جوابدار سري عام گهمي رهيا آهن، پوليس کين گرفتار نٿي ڪري جوابدار اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي تمام گهڻو خطرو آهي، ڪنهن به وقت جوابدار حملو ڪري سگهن ٿا.

جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين، فوري طور ملوث جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.