ٽنڊو محمد خان لڳ نينگر سان مبينا زيادتي، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ محبت خان ڀرڳڙي ۾ 15 سالن جي شاگرد علي حسن ڀرڳڙي سان ڳوٺ جي رهواسي جوابدار اياز اعواڻ مبينا طور زبردستي زرعي زمين جي فصل ۾ زيادتي ڪئي، شاگرد جي رڙين ڪرڻ تي علائقي جي رهواسين جي پهچڻ تي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ٻئي طرف شاگرد علي حسن ڀرڳڙي جي والد محمد حسن ڀرڳڙي جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي جوابدار اياز اعواڻ جي خلاف زيادتي ڪرڻ جي الزام تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، شاگرد کي ميڊيڪل لاءِ سرڪاري اسپتال موڪليو ويو آهي، پوليس زيادتي جي الزام ۾ اياز اعواڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو آبپاشي کاتي جو ملازم ڄاڻايو ويو آهي پر پوليس کيس گرفتار ڪرڻ باوجود گرفتاري ظاهر نه ڪئي  آهي.