مورو ۾ پلاٽ تي قبضي خلاف سجاده نشين جي هڪ سئو ستاويهين ڏينهن به بک هڙتال

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي)مورو ۾ درگاھ پير محمد علي رحه جي سجاده نشين پير خير محمد صديقي پنهنجن معصوم ٻارن سميت 127 ڏينهن کان پريس ڪلب آڏو رات ڏينهن بک هڙتال جاري رکندو اچي پيو جتي پير خير محمد صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي درگاھ جي پلاٽ تي ۽ ۽ ڳوٺ جي زمين تي با اثر ماڻهو قبضو ڪري اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، انتظاميه ۽ پوليس وٽ ويس پر انهن ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ويتر مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن ڪري مان انصاف لاءِ مورو پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي پنهنجن ٻارن سميت ويٺو آهيان.

هن چيو ته 127 گذري ويا آهن احتجاج ۽ بک ھڙتال ڪندي پر سرڪار جا ڪن بند آهن ۽ اکيون پوريل آهن انصاف نه ٿي رھيو آھي ھن وزيراعظم پاڪستان عمران خان، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪري با اثر ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري درگاھ جي پلاٽ ۽ زمين تان قبضا ختم ڪرايا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ منهنجي بک هڙتال مرڻ گهڙي تائين جاري رهندي.