ڀارتي اداڪار ريٿڪ روشن به ماهره خان جو مداح بڻجي ويو

news

ڪراچي: (اڱارو 22 سيپٽمبر 2020ع) سڄي دنيا مان ڪروڙين مداح بنائيندڙ بالي ووڊ جو سپر اسٽار ريٿڪ روشن پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جو مداح آهي.

موجوده دور ۾ ڪنهن به فنڪار جي مشهوري  جو پيمانو سوشل ميڊيا بڻجي ويو آهي. جنهن اسٽار جا سوشل ميڊيا تي جيترا فالوورز هوندا هو  اوترو ئي مشهور هوندو پر لکن جي تعداد ۾ فالوورز رکندڙ هي اسٽار پاڻ ڪنهن کي فالو نه ڪندا آهن پر  هو ڪجهه ماڻهن کي ئي فالو ڪندا آهن جنهن کي هو پسند ڪندا آهن يا پوءِ جن جا مداح هوندا آهن.

بالي ووڊ اداڪار ريٿڪ روشن جي انسٽاگرام تي مداحن جو انگ 32.2 ملين يعني 3 ڪروڙ 22 لک آهي پر هن پاڻ صرف 170 ماڻهن کي فالو ڪيو آهي ۽ ان لسٽ ۾ ماهره خان به شامل آهي. يعني ريٿڪ روشن ماهره خان جي مداحن ۾ شامل آهي ۽ هو کيس انسٽاگرام تي فالو ڪندو آهي.

اداڪاره ماهره خان جو شمار به پاڪستان جي ان ڪجهه اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جن جي انسٽا گرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز آهن. کين 6.6 ملين يعني 66 لک ماڻهو انسٽاگرام تي فالو ڪندا آهن ۽ هو پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ فالو ڪيل اداڪارائن مان ٽئين نمبر تي آهي.

واضح رهي ته جڏهن کان ماهره خان بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان سان گڏ فلم(رئيس) ۾ بطور هيروئن ڪم ڪيو آهي تڏهن کان پاڪستان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ به کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ ڀارتي عوام سان گڏوگڏ ڪيترائي بالي ووڊ جا فنڪار به هن جي مداحن ۾ شامل آهن.