ڄام نواز علي ويجهو گهرو تڪرار تان مڙس زال کي مبينا ڪهاڙي سان قتل ڪري ڇڏيو

news

ڄام نوازعلي(رپورٽ:خالد انور مگسي)  نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ حبيب منڱريو ۾ مبينا طور جوابدار ميو ڀيل پنهنجي 25 ورهين جي زال ٽن ٻارن جي ماءُ شريمتي تلسي کي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي.

اطلاع بعد نئون آباد پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊوآدم اسپتال منتقل ڪيو جتان ناري جو مڙهه پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هو.

پوليس موجب وارثن جو چوڻ  آهي ته جوابدار مڙس ناري کي گهرو تڪرار تان ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو آهي، پوليس ملوث جوابدار ميوو ڀيل کي گرفتار ڪري  قتل ۾ استعمال  ٿيل ڪهاڙي هٿ ڪري ورتي  آهي.

پوليس موجب وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.