والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

news

سرينگر: (اڱارو 22 سيپٽمبر 2020ع)والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي بڊگام ۾ قابض ڀارتي فوج نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي جي دوران نوجوان کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب هن علائقي ۾ هڪ حملي جي دوران ڀارتي فوجي سخت زخمي ٿي پيو هو جڏهن ته واقعي کان پوءِ قابض فوج پيرا ملٽري فورس سان گڏ سرينگر، پلواما ۽ شوپيان جي علائقن ۾ به سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته گذريل هفتي به قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي دوران 4 ڪشميري نوجوانن ۽ هڪ عورت کي شهيد ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته گذريل مهيني ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ 20 ڪشميري شهيد ٿي ويا هئا.