نئين سال ۾ اوهان ڪهڙيون نيون ۽ دلچسپ ايموجيز استعمال ڪري سگهندا

news

لنڊن: (اڱارو 22 سيپٽمبر 2020ع) هلندڙ سال جي شروعات ۾ دي يوني ڪوڊ ڪنسورشيم اعلان ڪيو هو ته هو عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب 2021 ۾ ڪابه نئين ايموجي پيش نه ڪندي پر هاڻ هنن 2021 جي لاءِ 200 جي ويجهو نيون ايموجيز پيش ڪيون آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هي نئون ايڊيشن ايموجي 13.1 رليز جو حصو آهي جنهن ۾ مختلف اسڪن ٽولز جون ايموجيز به شامل آهن.

نئين ايموجيز ۾ اهڙيون ايموجيز شامل آهن جنهن سان صارفين ڪافي حد تائين ريليٽ ڪري سگهن ٿا. پر هن نئين ايموجيز کي ڊيوائس ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.