ٿائيلينڊ جي انتظاميه جو انوکو قدم: سياحن پاران اڇليل ڪچرو هاڻ سندن گهر موڪليو ويندو

news

بئنڪاڪ: (اڱارو 22 سيپٽمبر 2020ع) سياحت مختلف ملڪن جي لاءِ هڪ وڏو آمدني جو ذريعو هوندو آهي پر سياحن طرفان غيرذميواري ۽ خاص طور تي پلاسٽڪ جون بوتلون، ٿيلهيون ۽ ٻيو ڪچرو سياحتي علائقن ۾ اڇلڻ سبب اتان جي قدرتي حسن ۾ به گهٽتائي ٿيندي آهي ۽ مقامي آبادي کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. جنهن جي لاءِ ٿائيلينڊ جي انتظاميه انوکو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سياحن طرفان تفريحي هنڌن تي هر جڳهه ڪچرو اڇلڻ سب ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيندڙ ٿائيلينڊ نيشنل پارڪ جي انتظاميه سياحن جي ان عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي انوکي ترڪيب سوچي آهي. بئنڪاڪ ويجهو جنگلي حيات ۽ ساوڪ سبب مشهور کهائوياني نيشنل پارڪ جي انتظاميه فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ سياحن کان گهر جو پتو ورتو ويندو ۽ جيڪڏهن هنن ڪچرو اڇليو ته اهو ڪچرو پارسل جي ذريعي اهڙن سياحن جي گهر موڪليو ويندو.

ٿائيلينڊ جي قدرتي وسيلن ۽ ماحوليات جي وزير وراوت سلپا تفريحي هنڌن تي ڪچرو اڇليندڙ سياحن کي فيس بڪ تي آگاهه ڪيو ته اسان اوهان جو ڪچرو اوهان جي گهر موڪلينداسين. ڪچري کي هاڻ سياحن جي گهر موڪليو ويندو ۽ پوليس به ان جي خلاف ڪارروائي ڪندي جنهن جي سزا 5 سال قيد يا ڏنڊ به لڳي سگهي ٿو.