جيڪب آباد واسڻ جو مڙس جي ڏاڍ ۽ گهر تي قبضي خلاف احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) سول اسپتال جيڪب آباد جي ڊاڪٽر خلاف گھرواريءَ جو ٻارن سميت احتجاج، گھر تي قبضي ڪرڻ جو الزام.

سول اسپتال جيڪب آباد جي ڊاڪٽر صبغت الله سومرو جي گھرواري مسمات زينب سومرو پنهنجي معصوم پٽ محمد طحه سان گڏجي پريس ڪلب پهچي مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. مسمات زينب دانھيندي چيو ته مڙس ڊاڪٽر صبغت الله سومرو پنهنجي وڏي گهرواري جي پٽن ۽ ڀائرن سان گڏجي منهنجي والد پاران مون کي ڏنل منهنجي ذاتي گهر تي قبضو ڪيو آهي، مون ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي، هاڻي وري ان تان هٿ کڻڻ لاءِ منهنجو مڙس ۽ سندس مائٽ مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ھن ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز کان گھر ڪندي چيو آهي ته منهنجي گھر تي قبضي جو نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.