ڄام نواز علي:ڳوٺ گلاب راءِ ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان فوت

news

ڄام نواز علي( رپورٽ:خالد انور مگسي) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلاب راءِ واري علائقي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان مادو پٽ پانچو ڪولھي فوت ٿي ويو آهي، اطلاع بعد پوليس پهچي نوجوان جو لاش  تحويل وٺي بعد ٽنڊو آدم اسپتال منقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ڪتي تي گولي هلائڻ دوران اتفاق سان جلد بازي ۾ گولي نوجوان کي لڳي ۽ فوت ٿيو آهي، وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام متل آهي.