اڏيرولال ۾ سرڪاري کڏ تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، پوليو مهم جو بائيڪاٽ

news

اڏيرولال(رپورٽ:حافط امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ شير محمد ٺوڙها جي رهواسين ممتاز ڪنڀار، گلاب ڪنڀار، عبدالستار ڪنڀار، حنيف خاصخيلي، سرفراز مڱڻهار ۽ مرتضيٰ خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڳوٺ شير محمد ٺوڙها لاءِ قائم گندي پاڻي جي سرڪاري کڏ تي بااثر احمد ڪنڀار ۽ ٻين قبضو ڪري ورتو آهي، قبضي سبب گندي پاڻي جي کڏ سوڙهي ٿي وئي آهي، کڏ سوڙهي ٿي وڃڻ سبب ڳوٺ جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيهجي ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺ جا رهواسي سخت پريشان آهن.

هنن ٻڌايو ته اهڙيون شڪايتون اسان بار بار ڊي سي مٽياري غلام قادر چانڊيو کي ڪيون آهن ۽ ان کان پوءِ به ڊي سي مٽياري عبدالقادر چانڊيو معاملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سرڪاري کڏ تان قبضو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. 

هنن چيو ته ڊي سي مٽياري جي خاطري باوجود به اڃان تائين سرڪاري کڏ تي قبضو برقرار آهي، هنن چيو ته اسان احتجاجن هلندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ٿا ڪريون ۽ جيستائين سرڪاري کڏ تان قبضو ختم نٿو ڪرايو وڃي، سموري ڳوٺ جي هڪ به ٻار کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا ويندا.