فضل الرحمان گرفتار ٿيو ته اسان جي تحريڪ سان حڪومت کيس آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي: مولانا عبدالواسع
ويب ڊيسڪ | 4 مھينا پھريان

ڪوئٽه:ُ (خميس 24 سيپٽمبر 2020ع) جمعيت علماءِ اسلام(ف) بلوچستان جي صوبائي امير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملانا عبدالواسع چيو آهي ته جيڪڏهن نيب جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪيو ته جمعيت جا ڪارڪن اهڙي تحريڪ هلائيندا جو حڪومت پاڻ کيس آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي.
ڪوئٽه ۾ جي يو آءِ(ف) جي صوبائي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالواسع چيو ته اي پي سي جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم جوڙي وئي آهي. اي پي سي جي ڪاميابي کان پوءِ مولانا فضل الرحمان جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ميڊيا مان خبر پئي آهي ته پهرين آڪتوبر تي مولانا فضل الرحمان کي طلب ڪيو ويو آهي. اسان جي خلاف اڳ ئي انڪوائريون ٿي چڪيون آهن. اسان جي پارٽي جي ڪنهن ميمبر جي خلاف ڪوبه ڪيس نه آهي.
جي يو آءِ(ف) جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن نيب جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪيو ته جمعيت جا ڪارڪن اهڙي تحريڪ هلائيندا جو حڪومت کيس پاڻ آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي. مولانا عبدالواسع چيو ته ميڊيا تي مولانا فضل الرحمان جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. شيخ رشيد جهڙن ماڻهن ذريعي اسان جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. اپوزيشن پارٽين بابت شيخ رشيد جهڙا مانهو غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته 25 آڪٽوبر تي ڪوئٽه ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ۽ ملين مارچ ڪيو ويندو جڏهن ته پي ڊي ايم جو اجلاس به تمام جلد ڪوئٽه ۾ ٿيندو. مولانا واسع چيو ته پي ڊي ايم جي اڳواڻي ڪابه پارٽي ڪري پر اسان جو مقصد نااهل حڪومت کان ڇوٽڪارو آهي. اپوزيشن پارٽيون اسيمبلين مان استعيفائن سميت هر آپشن تي متحد آهن.

96