فلمي ڪردار جيمز بانڊ حقيقت ۾ ڪير هو؟

news

انگلينڊ: فلمي دنيا جو هڪ مشهور ڪردار جيمس بانڊ حقيقت ۾ ڪير هو ۽ ڪٿان جو هو.؟

پولينڊ جي انسٽيٽيوٽ آف نينشنل ريميمبرنس هڪ تاريخي دستاويز پيش ڪيو آهي جنهن موجب برطانوي جاسوس جيمزبانڊ پولينڊ ۾ برطانوي سفارتخاني ۾ ملٽري اتاشي طور نوڪري ڪئي ۽ 1964 کان 1965 تائين تقريبن هڪ سال پولينڊ ۾ گذاريو.

ياد رهي ته جيمز بانڊ جو فلمي ڪردار 1962 ۾ ئي سلور اسڪرين تي ڇانئجي ويو هو ۽ اداڪار سين ڪونري 1962 ۾ سيريز جي پهرين فلم ۾ جيمز بانڊ جو ڪردار ادا ڪيو هو.

پولش سيڪرٽ سروس جي دستاويزن ۾ برطانوي جاسوس جو نالو جيمز ايلبرٽ بانڊ ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪو 1928 ۾ بانڊ فورڊ ۾ پيدا ٿيو.

دستاويز موجب جيمز بانڊ جو سفارتخاني جي ملازم جي حيثيت ۾ اصل مشن فوجي جاين تائين پهچ هو ۽ هو جلد ئي پولينڊ جي سيڪرٽ سروس جي نظر ۾ به اچي ويو هو.