ڇهن مهينن جي آمريڪي ٻار واٽراسڪيننگ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

news

واشنگٽن: (خميس 24 سيپٽمبر 2020ع) ايڊونچر جا شوقين ماڻهو جيڪو ڪرڻ جو ارادو ڪندا  آهن ته اهو ڪري ئي رهندا آهن ۽ اهڙي  ئي صورتحال ۾ ٻار ڪيئن پوئتي رهجي سگهن ٿا.

تازو ئي آمريڪي رياست يوٽاهه ۾ هڪ ننڍي عمر جي 6 مهينن جي ٻار واٽر اسڪيننگ ڪري سمورن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. واٽر اسڪيننگ هڪ اهڙو واٽر اسپورٽ آهي جنهن مان اڪثر وڏا به ڊڄندا آهن. پر بوٽاهه جي ننڍي معصوم ٻار رچ بنا ڪنهن ڊپ جي مزي سان واٽر اسڪيننگ ڪئي جنهن جي وڊيو ان جي والدين انسٽاگرام اڪائونٽ تي به اپ لوڊ ڪئي آهي.

انسٽاگرام تي اپ لوڊ ڪيل وڊيو ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ننڍي رچ خوشي خوشي واٽر اسڪيننگ ڪري رهيو آهي ۽ ان مان ڪافي مزو به ماڻي رهيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جتي ماڻهو 6 مهينن جي ٻار جي بهادري جي داد ڏئي رهيا آهن ته اتي ڪيترن ئي صارفين طرفان ٻار جي والدين تي تنقيد به ڪئي پئي وڃي ته هن ننڍي ٻار کان اهڙي طرح جو ايڊونچر ڪرائڻ خطري کان خالي نه آهي.