جاپان جي سپر اسٽور ۾ هاڻ روبوٽ ڪم ڪندا

news

ٽوڪيو: (خميس 24 سيپٽمبر 2020ع)جاپان جي آبادي  ۾ هر ٽئين ماڻهو جي عمر 65 سال يا ان کان وڌيڪ آهي اهڙي ۾ ئي هتي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو انگ به ڪافي گهٽ آهي جڏهن ته هتان جا مزدور ڳولڻ ڪافي مشڪل آهي.

هاڻ مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ تازو ئي جاپان جي سڀني کان وڏي اسٽور لاسن ۽ فيملي مارٽ هڪ خاص روبوٽ جي آزمائش ڪري رهيو آهي جڏهن ته وي آر(ورچوئل ريئلٽي)  ٽيڪنالاجي سان حرڪت ڪندا آهن.

ٽي ماڊل روبوٽ جاپاني اسٽارٽ  اپ ٽيلي ايڪزسنينس جي طرفان تيار ڪئي وئي آهي. جيڪا لمبائي جي مڪمل حد وڌائڻ تي 7 فٽ تائين ڊگهي ٿي ويندي آهي جڏهن ته روبوٽ ۾ ڪيمرا، مائيڪرو فون ۽ سينسرز به لڳل هوندا آهن.

هن روبوٽ جا 2 هٿ آهن جن ۾ 3-3 آڱريون آهن جن جي مدد سان هي سپر اسٽور جي شيلفس ۾ ڪولڊ ڊرنڪس، ڪينز ۽ ٻيون شيون رکندا آهن.  روبوٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن دڪان يا مارڪيٽ جو اسٽاف ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا. جيڪو به شخص هن روبوٽ کي هلائيندو آهي ان کي ورچوئل ريئلٽي(وي آر) هيڊ سيٽ ۽ خاص دستانا پائڻا هوندا آهن جنهن سان هو ائين محسوس ڪندا آهن جيئن هو هن شيءَ کي کڻي شيلف ۾ رکي رهيو آهي جڏهن ته اصل ۾ روبورٽ ائين ڪري رهيو هوندو آهي.

ٻئي طرف روبوٽ ۾ لڳل مائيڪرو فون ۽ سينسر جي مدد سان روبوٽ هلائيندڙ شخص مارڪيٽ ۾ ايندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو. في الحال روبوٽ وڪرو جي لاءِ  پيش نه ڪيو ويو آهي پر ڪمپني هن روبوٽس ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.