جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پاران ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو

news

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو تحفظ سنڌ ريلي جي ڪاميابي لاءِ ڪراچي ڪورنگي ۾ چڪرا ڳوٺ، مهراڻ ٽائون، بلاول ڪالوني ۽ ٻين هنڌن تي جلسه عام ۽ گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي ٻيٽن تي پي ٽي آءِ حڪومت طرفان ڪيل قبضو ۽ ڪراچي شهر جي منصوبن لاءِ پئسا جاري نه ڪرڻ ۽ سنڌ جي 21 برسات متاثر ضلعن ۾ ريسڪيو رليف جو بندوبست نه ڪرڻ جهڙن سنگين ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ حڪمرانن ڪراچي ۾ ھڪ دفعو ٻيهر ناحق پرستن مذھبي جنونين ۽ انصاف جي توهين ڪندڙ ٽولي کي سرگرم ڪيو آھي,

سنڌ جا ماڻھو حقيقي ترقي ۽ خوشحالي لاء 73 سالن تائين واجهائيندا رهيا آھن پر ڪڏھن جنرل ضياءَ جو فارمولو ڪڏھن مسلم ليگين جهڙيون مصيبتون ته ڪڏھن جنرل مشرف جو تباهڪارين جو سنڌ شڪار ڪئي وئي آهي. ڪڏھن شھيدن، جمهوريت ۽ غريب عوام جهڙن نعرن جي ڪري تيرهن سالن ۾ زرداري مافيا هٿان ملڪ جون طاقتور قوتون سنڌ لٽائي رهيون آھن. اڄ زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڌرتي ڌڻين کي پسمانده رکيو ويو آھي. 

هن وڌيڪ چيو ته ملڪي ليبارٽين ۾ سنڌ جياپي تي سڀ انصاف دشمن تجربا مڙھيا ويا آھن اڄ به اسان جي ساحل واري پٽي جي لکين ايڪڙ زمين قبضا جاري آھن سڀ ڪجھ ترقي جي نالي ۾ اسان مٿان هي زهريلا تجربا جاري آھن، انصاف ڀري اليڪشن کان سنڌ محروم آهي، روزگار ۽ خوشحالي جي منصوبن تي اڻ اعلانيا بندش آهي، لاقانونيت جو راڪاس عوام مٿان مڙھيل آهي، پوءِ به عمران خان ۽ بلاول ڀٽو زرداري چون ٿا ته سنڌ جو عوام ترقي ڪري رهيو آھي,

جڏھن ته انگ اکر ٻڌائين پيا ته سنڌ جا ماڻھو غربت واري لڪير کان هيٺ زندگي گذارين پيا بدحالي جون سڀ شڪليون موجود آھن جيڪو هن تاريخ جو ڪڙو سچ آھي، گڏجاڻين کي ممتاز بروهي، غفار ميرجت، ناياب سرڪش ۽ ملڪ چولياڻي پڻ خطاب ڪيو.