گمبٽ پوليس اٽالن جي ڳوٺ امام چانڊيو تي چڙهائي، گهرن کي باهيون، تشدد، عورتون زخمي، احتجاج

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) گمبٽ پوليس اٽالن جي ڳوٺ امام چانڊيو ۾ گوپانگ محلا تي چڙهائي، پوليس پاران 7 گھرن کي باهه، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، ٽي عورتون زخمي، 3 ٻڪريون سڙي مري ويون. عورت دعا گوپانگ جو مبينا پوليس تشدد سبب حمل ضايع، احتجاج.

خبر موجب گمبٽ پوليس  مختلف ٿاڻن جي نفري ساڻ ڪري ڳوٺ امام بخش چانڊيو ۾ گوپانگ محلا تي چڙهائي ڪري گھرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، 7 ڳوٺاڻن جا گھر سڙي رک ٿي ويا. پوليس جو عورتن، مردن ۽ ٻارڙن تي تشدد، ٽي عورتون زخمي ٿي پيون، هڪ عورت جو مبينا حمل ضايع، جنھن کي خيرپور اسپتال داخل ڪرڻ جا اطلاع آھن.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن مسمات مٺڻ خاتون، مسمات ميران خاتون، مسمات نواب خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گمبٽ پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. گمبٽ پوليس ٻيو ڀيرو گھرن تي چڙهايون ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جي تشدد سبب ٽي عورتون مسمات بچل خاتون، مسمات نوران خاتون ۽ عورت مسمات نماڻي خاتون کي مبينا چامائو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي آهي.

جڏهن ته عورت مسمات دعا خاتون زال اشتياق احمد گوپانگ جي گھرواري جو مبينا پوليس تشدد  سبب حمل ضايع ٿيو آهي، جنهن کي وارث وڌيڪ علاج لاءِ خيرپور جي اسپتال کڻي ويا آهن. پوليس ظلم جي انتها ڪندي گوپانگ برادري جي 7 ڄڻن گفتار علي، مکڻو خان، محمد ڀورل گوپانگ، سالار احمد، پرويز احمد، عبدالجبار ۽ شوڪت جي گھرن کي باهه ڏئي ساڙيو آهي. پوليس جي اهڙي ظلم خلاف روڊن تي نڪري آيا آهيون. پوليس بااثر ڀٽي برادري جي ونگار وهي رهي آهي. جيڪو ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين.

گوپانگ برادري جي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او گمبٽ کي هٽائي سندس جاءِ تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هوڏانهن ڊي ايس پي گمبٽ مسعود آگاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورتون ۽ ٻارڙا پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪري رهيا آهن، عورتون ڀلي احتجاج تي ويٺل هجن اسان تي ڪو به فرق نٿو پوي. عورتون پاڻ ئي گھر هليون وينديون.

ايس ايڇ او گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڀٽي ۽ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هو، جنهن جو ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي ڪيس داخل ڪيو هو ۽ گوپانگ برادري جي ماڻهن پوليس کي يرغمال بڻايو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو آهي. جنهن تان عورتون احتجاج ڪن ٿيون.