ميرپورخاص ۾ گهر جي تعميراتي ڪم دوران سر لڳڻ سبب نينگري فوت، ٻه ڄڻا گرفتار

news

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي هاشم نگر ۾ اقبال ۽ ارباب ڪمڀر پنهنجي گهر ۾ تعمراتي ڪم ڪري رهيا هئا ته هٿ مان سر نڪري وئي، جنهن سبب پاڙيسري يار محمد ملڪاڻي جي 20 سالن جي نوجوان نينگري صائقه جي مٿي تي لڳڻ سبب نينگري شديد زخمي ٿي پئي.

جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾سول اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، پوليس پاران پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

محمود آباد پوليس اقبال ۽ ارباب کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.