اي آءِ جي پي حيدرآباد پاران ايس پي آفيس سجاول جو دورو

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) ايڊيشنل آءِ جي پي حيدرآباد ڊويزن ڊاڪٽر جميل احمد گذريل ڏينهن ايس پي آفيس سجاول جو دورو ڪري وومين پروٽيڪشن سيل ۽ ڪمپلين سيل جو جائزو ورتو ويو.

ان موقعي تي پوليس جي جوانن ايڊيشنل آءِ جي پي حيدرآباد کي سلامي پيش ڪئي، جنهن بعد ايڊيشنل آءِ جي پي سجاول ۾ وڻ پوکيندي پنهنجي نالي جو ٻوٽو بہ لڳايو ۽ ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ، ضلعي سجاول جي چونڊيل نمائندن، سماجي اڳواڻن، وڪيل برادري ۽ صحافي برادري سميت واپاري اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ضلعي سجاول جي ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي، ايم پي اي شاھ حسين شاهه شيرازي، ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين حاجي عثمان ملڪاڻي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر وڪيل لياقت جماري، وڪيل زين العابدين جماري، آل سنڌ تاجر ايسوسيئيشن جي نائب صدر حاجي عبدالمجيد ميمڻ، سجاول جي واپاري اڳواڻ حافظ رياض احمد ميمڻ، سينيئر صحافي سورج سجاولي ۽ هدايت الله کٽي شرڪت ڪئي.

جنهن بعد اي آءِ جي پي پاران وومين پروٽيڪشن سيل سجاول جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ اتي موجود عملي کان وومين پروٽيڪشن جي حوالي سان معلومات حاصل ڪئي ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي شاباسي ڏني ۽ هن ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر سان گڏ ضلعي جي تمام ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سان تعارفي ملاقات ڪئي، جڏهن تہ ايس پي سجاول پاران ضلعي سجاول ۾ ڏوهن ۽ گڊ ورڪ جي حوالي سان ملٽي ميڊيا تي بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي پي جو چوڻ هو تہ ضلعي سجاول جي پوليس جي سٺي ڪارڪردگي جي ضلعي جي سڀني معززين تعريف ڪئي آهي. هن ايس پي سجاول پاران ڪيل انتظامن ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ تي ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر ۽ ضلعي سجاول سڀني پوليس آفيسرن کي بهترين ڪارڪردگي تي شاباس ڏني ۽ وڌيڪ دل و جان سان ڪم ڪري سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي هدايت ڪئي.