زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اهم پوسٽن تي مقرر آفيسرن جون وڏي پئماني تي بدليون

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ عارضي طور مقرر ڪيل نئين وائيس چانسلر اچڻ شرط بنا سبب ڄاڻائڻ جي اهم پوسٽن تي مقرر آفيسرن جون وڏي پئماني تي بدليون شروع ڪري ڇڏيون. آفيسرن ۽ ملازمن پاران بدلين کي انتقامي ڪارروائي قرار. احتجاج جو چتاءُ.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي عارضي طور مقرر ڪيل نئين وائيس چانسلر ظهيرالدين ميراڻي وائيس چانسلر جي چارج سنڀالڻ بعد فوري طور تي انتظاميا جي اهم پوسٽن تي مقرر آفيسرن جون وڏي پئماني تي بدليون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته کين بدلي جو سبب به ناهي ڄاڻايو ويو.

وائيس چانسلر يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محيءُ الدين قريشي کي هٽائي ڊائريڪٽر ڪوالٽي انهانسمينٽ رياست ڪٻر کي رجسٽرار جي اضافي چارج ڏيئي ڇڏي آهي. ايڊيشنل رجسٽرار قربان لاکير کي هٽائي ڊائريڪٽر ڪئمپس اشرف رستماڻي کي ايڊيشنل رجسٽرار جي اضافي چارج ڏيئي ڇڏي آهي. جڏهن ته پي آر او علي اصغر ڀٽي کي پڻ هٽايو ويو آهي.

ذريعن موجب وائيس چانسلر جي پرسنل سيڪريٽري ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڪجهه آفيسرن سميت ٻين آفيسرن ۽ ملازمن جي بدلين جي سمري پڻ جوڙي ويئي آهي.

ٻئي طرف آفيسرن جي بنا سبب ڄاڻائڻ جي فوري طور بدلين جي عمل تي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. آفيسر توڙي ملازم بدلين واري سلسلي کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ جي گهر ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته نئين مقرر ڪيل وائيس چانسلر ظهير الدين ميراڻي ۽ نئون مقرر ڪيل رجسٽرار گذريل وقتن ۾ يونيورسٽي انتظاميا خلاف مختلف ڪورٽن ۾ پٽيشنر پڻ رهيا آهن.

جڏهن ته زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار زرعي يونيورسٽي ۾ نئين وائيس چانسلر جي مقرري تائين پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي کي قائم مقام وائيس چانسلر مقرر ڪيو آهي.