وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندو

news

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان اڄ جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندو.

وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندو ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪندي ڀارت جي اصل چهري کي وائکو ڪندو.

وزيراعظم اسلام فوبيا ۽ ڪووڊ-19 خلاف پاڪستان جي ڪاميابي کي به اجاڳر ڪندو.

ياد رهي ته ڪورونا وبا سبب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو هي ساليانو اجلاس هن دفعي ورچوئل ٿي رهيو آهي جڏهن ته اجلاس ۾ اڳواڻن جو ريڪارڊ ڪيل خطاب نشر ڪيو ويندو.