زرمبادلا جا مجموعي ذخيره اڻويهه ارب نوي ڪروڙ ستٽيهه لک ڊالر جي سطح تائين پهچي ويا

news

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب پرڏيهي زر جي ذخيرن ۾ 18 سيپٽمبر تائين ڇنڇر جي ختم ٿيڻ تي سرڪاري ذخيرن جي ماليت 12 ارب 70 ڪروڙ 16 لک ڊالر جي سطح تي اچي ويا.

هڪ هفتي دوران سرڪاري ذخيرن جي ماليت 11 ڪروڙ 90 لک ڊالر گهٽ ٿي وئي، سرڪاري ذخيرن ۾ گهٽتائي غيرملڪي قرضن جي ادائيگي سبب ٿي.

زرمبادلا جا مجموعي ذخيرا 19 ارب 90 ڪروڙ 37 لک جي سطح تي اچي ويا، ڪمرشل بينڪن وٽ 7 ارب 20 ڪروڙ 21 لک ڊالر جا ذخيره موجود آهن.