ڪراچي ۾ پوليس مقابلي دوران سب انسپيڪٽر شهيد

news

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ پوليس مقابلي دوران سب انسپيڪٽر شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب اهلڪارن هڪ شڪي گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار فرار ٿيڻ لڳا، پوليس موبائل هنن جو پيڇو ڪيو جنهن تي جوابدارن هلندڙ گاڏي مان فائرنگ ڪري ڏني.

ايس ايس پي ايسٽ جاويد سدوزئي موجب گلستان جوهر ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ پوليس ۽ جوابدارن ٻنهي ۾ ٻه طرفي فائرنگ جي ڏي وٺ سان سب انسپيڪٽر شهيد ٿي ويو.

ساجد سدوزئي ٻڌايو ته شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ سب انسپيڪٽر رحيم خان جي نالي سان ٿي آهي جيڪو گلستان جوهر ٿاڻي ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او هو.

پوليس جي شروعاتي جاچ دوران جوابدارن فائرنگ ايس ايم جي ذريعي ڪئي.

پوليس عملدارن موجب رحيم خان ان کان اڳ لانڍي ٿاڻي ۾ به بطور ايس ايڇ او ذميداريون سنڀالي چڪو آهي.