سپريم ڪورٽ اي پي ايس جي جوڊيشل رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي بابت جوڊيشل ڪميشن رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۽ اٽارني جنرل جي رپورٽ تي ڪمينٽس کي به پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

شهيدن جي والدين ٻڌڻي دوران چيو ته سموري عمر هيٺين جو احتساب ٿيو آهي، هن واقعي ۾ مٿين کي پڪڙيو وڃي، اسان زندهه دفن ٿي چڪا آهيون، آرمي پبلڪ اسڪول سانحو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي جنهن تي جسٽس فيصل عرب چيو توهان چاهيو ٿا ته سيڪيورٽي ۾ غفلت ڪندڙن کي به سزا ملي، هن ڪيس کي اسان هلائينداسين.

چيف جسٽس چيو الميو اهو آهي ته ننڍن ماڻهن کي ذميدار سمجهيو ويندو آهي، وڏن کان ڪا پڇا ناهي ٿيندي، اهڙي روايت هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، جسٽس اعجازالحسن چيو ته هي سانحو پوري قوم جو ڏک آهي.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي ته جيئن اهڙا واقعا نه ٿين، اهي ماڻهو جن مقصد حاصل ڪرڻ پئي چاهيو انهن حاصل ڪيو، سيڪيورٽي ادارن کي ان جو اطلاع هجڻ گهربو هو، ايتري سيڪيورٽي ۾ به عوام محفوظ ناهي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪندي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۽ حڪومتي جواب جي ڪاپي شهيد جي والدين کي ڏيڻ جو به حڪم ڪيو.