سمورا پاڙيسري ملڪ ڀارتي شيطانيت جو شڪار آهن:فواد چوڌري

news

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته بنگلاديش، نيپال ۽ پاڪستان سڀ مودي جي هندستان جي شيطانيت کان متاثر آهن.

ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل خلاف پاڪستان هندو ڪائونسل جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جوڌپور ۾ ٻارن سميت 11 معصوم پاڪستاني پراسرار نموني فوت ٿيا، هي پاڪستان جا ٻار ۽ پاڪستان جون عورتون هئا، انهن جي ڀارت وڃڻ سان رشتو ختم نه ٿيو هو.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هندستان ۾ جيڪا زيادتي ٿي ان تي ڀارتي سلوڪ نامناسب آهي، پاڪستاني هندن کي مجبور پئي ڪيو ويو ته هو آر ايس ايس جو حصو ٿين، هنن جي انڪار تي پاڪستاني هندن جو قتل ڪيو ويو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مودي ڀارت کي جهڙيءَ طرح فاشست حڪومت ۾ تبديل ڪيو آهي ان سان ڀارت جا سمورا پاڙيسري ملڪ متاثر آهن.