ٽنڊوڄام ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي قائم غيرقانوني مال پڙي ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي هدايت تي پوليس ۽ ميونسپل ڪميٽي انتظاميا پاران ريلوي ڦاٽڪ تي قائم غيرقانوني مال پڙي ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪري جانورن کي هٽايو ويو.

انھي دوران انتظاميا ۽ واپارين وچ ۾ ڇڪتاڻ پڻ ٿيندي رھي. انھيءَ موقعي تي ميونسپل انتظاميا جو چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي جي هدايت تي ريلوي ٽريڪ تي قائم غيرقانوني مال پڙي ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته ريلوي ڦاٽڪ وٽ مال پڙي لڳڻ سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ جام ٿيو وڃي. جڏھن ته ڀرپاسي جي رھواسين ۽ دوڪاندارن کي سخت مشڪلات کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.

ھنن چيو ته ٽي ڏينھن اڳ اسٽيشن ماسٽر کي ليٽر لکيو هو ته مال پڙي ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. پر ريلوي انتظاميه پاران ڪابه مدد نه ڪئي ويئي. جنھن بعد ٽنڊوڄام پوليس جي مدد سان مال پڙي کي ختم ڪرايو ويو آھي.

جڏھن ته چوپائي مال جي واپارين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان انھي جاءِ تي پڙي لڳندي پيئي اچي. ڪيترائي ڀيرا پڙي ختم ته ڪئي ويئي آھي پر انتظاميه پاران ڪابه متبادل جاءِ نه پيئي ڏني وڃي. جنھن جي ڪري مجبور ٿي ھتي پڙي لڳائي ٿي وڃي. ھنن چيو ته اسان ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ٽنڊوڄام ۾ مال پڙي لاءِ جاءِ ڏيئي، واپارين کي سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.