ميرپوربٺورو جي ايريگيشن محلي واسين جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ خلاف احتجاج

news

ميرپوربٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) ميرپوربٺورو جي ايريگيشن محلي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن کي خيما راشن نه ملڻ خلاف محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو، واهر ڪرڻ جو مطالبو.

ايريگيشن محلي واسين عبدالستار چانڊيو، رضوان ميمڻ، سڪندر جتوئي، بابو سمون ۽ ٻين چوڪ تي بيهي احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته هڪ مهيني کان وڌيڪ ٽائيم گذري ويو آهي پر انتظاميه ايريگيشن محلي مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪڍرايو، جنهن ڪري پاڻي گندو ۽ بدبودار ٿي ويو آهي.

گندگي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري موذي مرض ڦهلجي رهيا آهن، محلي واسي مليريا، خارش ۽ ڊائريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران مليل خيما، مڇردانيون ۽ راشن به من پسند ۽ سرندي وارن ماڻهن کي ملي رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته محلي مان گندو برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جي سار سنڀال لڌي وڃي.