ميهڙ لڳ روڊ حادثي ۾ ڳوٺ قاضي عارف جو نوجوان فوت، گهر ۾ قهرام متل

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميهڙ راڌڻ لنڪ روڊ تي گرڊ اسٽيشن ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڏي ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ قاضي عارف جو رھواسي ٽيليفون آپريٽر عامر مھيسر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علائقي واسين فوري طور تي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ميهڙ آندو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

جڏھن ته فوتي نوجوان عامر مهيسر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان عامر مهيسر جو مڙهه گهر پهچڻ تي سندس وارث لاش کي چنبڙي ويا, گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس ميهڙ ٿاڻي تي داخل نه ٿيو آھي.