پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ سجاول جي برسات متاثر علائقن ۾ پهچي جائزو ورتو

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ سجاول پھچي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو، علائقي واسين حليم عادل شيخ اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سجاول ويجهو ڳوٺ نودو ٻارڻ ۾ ڪيتري ئي وقت کان برساتي پاڻي بيهڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن، هن چيو تہ ھڪ مھينو گذرڻ باوجود برسات متاثرن کي ھڪ به ٽينٽ ناھي ڏنو ويو، ھڪ مھيني کان وٺي برسات جو پاڻي غريب ڳوٺاڻن جي گهر ۾ موجود آهي جنهن سبب غريبن جا ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.

هن چيو تہ سنڌ جي وڏي وزير جا برسات متاثرن جي رليف لاءِ ڪيل اعلان رڳو اعلان ئي رهجي ويا، عوام کي ھڪ مھيني گذرڻ باوجود ڪابه امداد ناھي ملي سگهي، برسات متاثرن کي نہ ٽينٽ نہ ئي ڪو راشن جو سامان مليو آهي، عوام بي يارو مددگار بڻيل آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ وفاق سيلاب متاثرن کي ڪڏهن بہ اڪيلو ڪونه ڇڏيندي ۽ متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي.