ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي پاران مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال جو اعلان

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو شهر جا مسئلا حل نه ٿيا، مختلف ڌرين پاران جوڙيل ڄامشورو جدوجهد ڪاميٽي حرڪت ۾ اچي وئي.

ڄامشورو کي تعلقو، شهر کي ميونسپل ڪميٽي بڻائڻ، نيڪاسي، پيئڻ جي پاڻي، سبزي، فروٽ، گوشت مارڪيٽ، لائبريري، پبلڪ پارڪ گرلس ڪاليج، پبلڪ پارڪ ۽ پبلڪ لائبريري ڏيڻ جي گهُر، ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي پاران پريس ڪانفرنس.

شهر مان بدامني، گندگي ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل بندش ختم ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ کان 24 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال  تي ويھڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن محمد قمبراڻي، پير بخش سهارڻ، ڪامريڊ سليمان لائي، سرمد سهارڻ، حق نواز برهماڻي، محمد اڪرم ملاح، صبغت الله بازري، زوار ثابت علي اعواڻ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي مهر، حاجي خان ميتلو ۽ ٻين شهر جي مک جي ايم سيد چوڪ وٽ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تعليمي شھر سڏجندڙ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پنهنجي ضلعي جي ڄامشوري ۾ چونڊيل نمائندن ۽ بيورو ڪريٽس جي مها ڪرپشن جي ڪري ضلعي مسئلن جا انبار ٿي ويا آھن. مسئلن جي حل لاءِ 26 تاريخ تي 24 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

هنن گهر ڪئي آهي ته ڄامشورو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ بدامني جو خاتمو ڪيو وڃي، واٽر سپلاءِ کي وي ڊي اي کان واپس وٺي فلٽر پلانٽ جوڙي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نگراني ۾ عوام تائين پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي. سينڊوز روڊ جي ۽ نيڪاسي جي نالن جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو وڃي. گرلز ۽ بوائز ڪاليج تعمير ڪرايو وڃي. نادرا آفيس واپس ڄامشورو ۾ قائم ڪري عوامي مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي. ڄامشوري کي تعلقي ۽ ڄامشورو شهر کي ميونسپل ڪميٽي جو درجو ڏنو وڃي. عوام جي پريشاني کي ختم ڪرڻ لاءِ يو سي رائلو مياڻ جي آفيس خانپور مان ڳوٺ سائين ڏنو ۾ منتقل ڪئي وڃي. ڄامشورو شھر جي مين بوائز پرائمري اسڪول ۽ سيد آباد ڪالوني واري گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جون زير تعمير عمارتن کي جلد مڪمل ڪري تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي. ڄامشورو شھر ۾ سرڪاري لائيبريري قائم ڪرڻ سميت سرڪاري مسافر خانو، بسن، ويگنن ۽ رڪشائن جا اسٽاپ تعمير ڪيا وڃن.

پريس ڪانفرنس ۾ ڄامشورو جدوجهد ڪاميٽي جا اڳواڻ عبدالنبي برھماڻي، ايڊووڪيٽ صادق بليدي، مظھر ملاح، اين بي کوسو، لاھوتي حبيب الله آمڙو، علي جان سنڌي، عبدالغني مگسي، عرفان برفت، ديدار ڀلائي ۽ ٻيا موجود ھئا.