مورو جي ڪلھوڙا برادري پاران پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان

news

مورو: مورو جي ڪلھوڙا برادري جي معزز ڊاڪٽر اسد الله ڪلھوڙو، وڪيل محمد سليمان ڪلھوڙو، لطف اللہ ڪلھوڙو ۽ نھال خان ڪلھوڙو سميت ٻين اين پي پي جتوئي گروپ ۾ 50 سالن کان گڏ رھڻ کانپوءِ پارٽي ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي.

ان سلسلي ۾ ھڪ تقريب نوراني ڪالوني ڪلھوڙا ھائوس مورو ۾ صوبائي وزير ۽ پ پ ڊويزنل صدر شھيد بينظير آباد ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت ۾ ٿي گذري، جتي ڪلھوڙا برادري جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ضياءَ الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو ته پ پ غريبن ۽ مسڪينن جي پارٽي آھي، جيڪا ڏينھون ڏينھن مقبوليت ماڻي رھي آھي، ڪيترائي ماڻھو ٻيون پارٽيون ڇڏي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھن ۽ ڪلھوڙا برادري جيڪا پنجاهه سالن کان جتوئي گروپ سان گڏ ھئي، جنھن ھنن کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪئي آھي، کين ۽ پوري برادري کي اسان آڌر ڀاءُ ڪيون ٿا.

ھن چيو ته ھن علائقي مان اسان موروثي سياست جو خاتمو آندو آھي، جن ھميشه عوام کي دلاسا ڏنا آھن پر ووٽ وٺڻ بعد انھن ڏانھن لڙي بہ نہ ٿا وڃن. ھن وڌيڪ چيو تہ ھتان جو عوام سمجھي ٿو تہ پ پ واحد پارٽي آھي جيڪا سنڌ سميت پوري پاڪستان جي غريب ماڻھن ۽ ملڪ جي سالميت ۽ ڀلائي لاءِ سوچي ٿي ۽ پ پ وفاق جي پارٽي آھي، جنھن ھميشه ملڪ ۽ جھموريت جي مفاد ۾ ڪم ڪيو آھي ۽ اسان ھتان جي عوام جي لاءِ ھر وقت حاضر آھيون ۽ سندن ھر ڏک سک ۾ گڏ آھيون.

جڏھن تہ ڊاڪٽر اسداللہ ڪلھوڙو پنھنجي ڀائرن برادري سميت جي ڊي اي جتوئي گروپ کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي ايم پي اي ممتاز چانڊيو، سردار خان محمد ڏاھري، فيروز خان جمالي، سھيل اختر عباسي، خادم حسين عباسي، عنايت خان عباسي، نجيب اللہ عباسي، وڏيرو علي اصغر سولنگي، دوست علي سولنگي، ڄام انيس رحمان، وڏيرو ياسين سولنگي، علي گل خاصخيلي، محمد نواز ڊومڪي، شھاب الدين ملاح، اسلم قريشي، خان بھادر ڀٽي، خان اعواڻ، نذير احمد ميمڻ، خان ڏاھري، خادم ڪلھوڙو، ذوالفقار عالماڻي ۽ ٻيا شامل ھئا.

ان کان پھريان ضياءَ الحسن لنجار جي پھچڻ تي سندس مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي.