پنوعاقل لڳ ڳوٺ گهنڃا جي قاضي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا زخمي

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل لڳ ڳوٺ گهنڃا جي قاضي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

سٽي ٿاڻي ويجھو قاضي برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان جوابدارن لٺين ۽ ڪهاڙين سان چنگچي رڪشا ۾ ويٺل غلام حسين ۽ غلام محمد قاضي تي حملو ڪري رتورت ڪري ڇڏيو، حملي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

ٻنھي زخمين کي تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو آھي، پنوعاقل ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪئي وئي آھي، جڏهن ته اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگھيو.