پنوعاقل ڀرسان پوليس ۽ ھٿياربندن ۾ مبينا مقابلو، ھڪ ڏوھاري مارجي ويو، ٽي جوابدار فرار

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ڀرسان پوليس ۽ ھٿياربندن ۾ مبينا مقابلو، ھڪ ڏوھاري مارجي ويو، سندس 3 ساٿي فرار، مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ ڪشمور واسي طور ٿي، لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس امڙ حوالي، دادلو ٿاڻي تي ڪيس داخل.

دادلو ٿاڻي جي حد موٽروي روڊ ڀرسان ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويو، جڏھن تہ سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

مارجي ويل ھٿياربند جي سڃاڻپ ڪشمور ڪنڌڪوٽ واسي اعجاز احمد عرف ڪرم الدين سبزوئي طور ٿي، جنھن جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو آھي. مارجي ويل ڏوھاري جي عمر 19 سال ٻڌائي پئي وڃي، مارجي ويل ڏوھاري جو لاش 15 ڪلاڪن تائين تعلقي اسپتال ۾ پيل رھيو، جنھن بعد ضروري ڪارروائي بعد لاش سندس امڙ حوالي ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آھي ته ھٿياربند ٽولو موٽروي تان ماڻھو اغوا ڪرڻ لاءِ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ھو ته پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي ڪارروائي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو آھي، جڏھن تہ سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا آھن، جن کي بہ گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ناڪابندي ڪئي وئي آھي.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ مارجي ويل ڏوھاري وٽان ھٿيار ھٿ ڪيا ويا آھن، ماريل ڏوھاري جو تعلق تيغاڻي گروهه سان آھي، جن ڪجھ ڏينھن اڳ موٽروي تان ٻن نوجوانن کي اغوا ڪيو ھو، ماريل ڏوھاري اغوا، ڦر سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل ھو. ھوڏانھن دادلو ٿاڻي تي مارجي ويل ڏوھاري سميت پنجن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.