سنڌي ٻٽڙا لڳ ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ دڪان تي ويٺل پيءُ ۽ پٽ تي حملو، سخت زخمي

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) سنڌي ٻٽڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ دڪان تي ويٺل پيءُ ۽ پٽ تي حملو، ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

جوابدار اختر حسين، غلام مرتضيٰ، غلام شبير چنو ۽ 2 نامعلوم جوابدارن دڪان تي محمد اسلم  چنو ۽ سبحان علي چنو تي ڏنڊن ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري ڏنو، جنھن سبب پيءُ ۽ پٽ سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جنهن بعد کين لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو.