ميھڙ لڳ ڳوٺ حاجي مرزو خان کوسو ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

news

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميھڙ لڳ ڳوٺ حاجي مرزو خان کوسو ۾ زمين جي مالڪي جي مسئلي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ ڪري ھڪ نوجوان محمد صديق پٽ محمد عارب کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقي اسپتال ميهڙ مان فوري طبي امداد ڏئي زخمي کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو نيو ويو.

آخري اطلاع تائين جهيڙي  جو ڪيس ميهڙ ٿاڻي تي داخل نه ٿيو، جڏهن ته ڳوٺ مرزو کوسو ۾ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي.