پنوعاقل ۾ مستري جي دڪان ۾ بيٺل وين کي باهه لڳي وئي، ٽي ڄڻا سڙي زخمي

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ۾ ويگنون ٺاهيندڙ مستري جي دڪان ۾ بيٺل وين ۾ باهه لڳي وئي، مستري سميت 3 ڄڻا زخمي.

پنوعاقل شھر جي سڌوجا چوڪ وٽ الله والا چوڪ تي مڪينڪ جي دڪان ۾ بيٺل وين جي گئس سلينڊر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب دڪان ۾ ويٺل مستري عبدالوحيد، ارشاد ۽ نبيل زخمي ٿي پيا.

سمورن زخمين کي پنوعاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ھوڏانھن فائربرگيڊ عملي پھچي باهه تي ضابطو آڻي باهه وسائي ورتي، حادثي واري ھنڌ سوين شھري گڏ ٿي ويا.