ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني واسي جو لاش بڪيرا لڳ واهه مان هٿ

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٻہ ڏينهن اڳ گم ٿيل ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني جي رهواسي جو لاش بڪيرا لڳ واهه مان هٿ.

خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني جو رهواسي چاليهه سالن جو مٺو مل سوٽھڙ لاپتا ٿي ويو هو. جنهن جي ڳولا بعد به ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو هو. گذريل ڏينهن بڪيرا ٿاڻي جي حد ۾ چاڪر شاخ جي ريگيوليٽر موري وٽ لاش لڙهندو ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد بڪيرا پوليس پهچي لاش سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو.

جتي فوتي جي سڃاڻپ ٽنڊوڄام واسي گم ٿيل مٺو مل سوٺهڙ طور ڪئي ويئي. وارثن جو چوڻ آهي ته مٺو مل ٻن ڏينهن کان لاپتا هو، جنهن جو اڄ لاش مليو آهي، فوتي مٺو مل جو ذهني توازن درست نه هو.