ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪول ايس او پيز تحت کلي ويا

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سڄي سنڌ جيان تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ به ڪورونا جي وبا سبب ڇهن مهينن کان بند پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪول کلي ويا آھن. اسڪولن ۾ ايس او پيز تحت تدريسي عمل شروع ٿي ويو آھي.

ٽي اي او پرائمري تعلقہ حيدرآباد ٻھراڙي محمد موسيٰ کوکر ٽنڊوڄام جي پرائمري اسڪول مير شاھ محمد ٽالپور، پرائمري اسڪول مين سنڌي ۽ پرائمري اسڪول صالح مڪراني سميت تعلقي جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪري تدريسي عمل ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو.

دوري دوران ٽي اي او موسيٰ کوکر استادن کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو تہ ٻار جي صحت تي ڪوبہ سمجهوتو برداشت نہ ڪيو ويندو. هن چيو تہ اسڪولن ۾ ٻارن جي تعداد ۽ دستياب وسيلن کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ٻارن کي ھڪٻئي کان وڇوٽي تي ويهاريو وڃي. ماسڪ، ھينڊ واش ۽ سينيٽائيزر جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو تہ ڊگهي موڪل سبب ٻارن جي تعليم جي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ استادن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.