سڪرنڊ لڳ ڳوٺ علي محمد مگسي جي رهواسين جو فاريسٽ عملدارن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

news

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ علي محمد مگسي جي ڳوٺاڻن عبدالستار مگسي، احمد علي مگسي، محمد ايوب مگسي، محمد الياس مگسي ۽ ڪاشف مگسي جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ۽ سندس عملو اسان ڳوڻن خلاف هر روز ڪاٺ چوريءَ جون ايف آءِ آرز ۽ اين سيز ڪٽرائي اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته فاريسٽ کاتي جا ڄاڻايل آفيسر ملي ڀڳت ڪري ٻيلي جو ڪاٺ وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ اسان ڳوٺاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته اسان جي هڪ نوجوان ڪاشف مگسي تي بيجا تشدد ڪري ان کي زخمي ڪيو ويو آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪوڙيون ايف آءِ آرز ختم ڪرايون وڃن، ڄاڻايل آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.