ڪراچي کي اصل خطرن کان لاتعلقي

news

جي اين مغل

حصو ٻيو

2016ع دوران موحوليات جي باري ۾ سينٽ جي سب ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر ڪريم خواجه جي دعوت تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنو گرافي (اين آءِ او) بحريه ۽ اسپارڪو سان تعلق رکندڙ ماحوليات جي ماهرن کان سواءِ پارليامينٽ، سنڌ جي صوبائي اسيمبلي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا نمائندا سمورا ڪراچي ۾ اين آءِ او جي هڪ اجلاس ۾ جمع ٿيا ته جيئن سمنڊ سان ٿيندڙ ويڌن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن کان ”ويزن 2025ع“ جي روشني ۾ انهن سامونڊي علائقن کي محفوظ ڪيو وڃي، ان اجلاس ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ سنڌو درياءَ تي ڊيمن جي اڏاوت، سنڌو درياءَ مان سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي جي ڪوٽا کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ انڊس ڊيلٽا جو تحفظ نه ڪرڻ سبب ماهرن سنڌ جي سمنڊ لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن کان آگاهي ڏني ۽ ڌيان ڏياريو.

ياد رهي ته گذريل ڪالم ۾ مون انهن ماهرن جي حوالي سان هنن جي ان انديشي جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ مان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جي صورتحال کي درست نه ڪيو ويو ته خطرو آهي ته 2060ع تائين نه صرف سنڌ جا ٻه شهر ٺٽو ۽ بدين پر ڪراچي جهڙو وسيع شهر به سمنڊ ۾ هليو ويندو، ان اجلاس ۾ ماهرن طرفان جيڪي خدشا ظاهر ڪيا ويا ان حوالي سان ماحوليات جي باري ۾ سينيٽ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي، ان رپورٽ ۾ مشاهدي کانپوءِ جيڪي ريمارڪس ڏنا ويا ان کي به ان رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو، اها رپورٽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس(CCI) پلاننگ ڊويزن کان علاوه اطلاع موجب وزيراعظم جي سيڪريٽريٽ کي به موڪلي وئي، ان رپورٽ ذريعي سينٽ جي سب ڪاميٽي انهن ادارن کي گذارش ڪئي ته انهن خطرن جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو وڃي ۽ ان اشوز جي باري ۾ ماهرن ذريعي تفصيل سان جاچ ڪرائي وڃي ۽ پوءِ ان جاچ رپورٽ جي روشني ۾ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن سمنڊ جي انهن علائقن کي هميشه جي لاءِ تحفظ ڏئي سگهجي، ان سلسلي ۾ خاص ڪري ڪراچي شهر جو ذڪر ڪيو ويو ته ڪراچي شهر نه صرف پاڪستان جو معاشي حب آهي پر سڀ کان وڏو شهر به آهي.

اها ڳالهه به ڪنهن دلچسپيءَ کان گهٽ ناهي ته ان اجلاس ۾ ڪجهه ماحولياتي ماهرن خاص ڪري سنڌي سمنڊ جي ڪنارن تي واقع وڏي انگ ۾ ٻيٽن جو به ذڪر ڪيو ۽ چتاءُ ڏنو ته انهن ٻيٽن جي غلط استعمال کان پاسو ڪجي ڇو ته اهي ٻيٽ خاص طور ڪراچي شهر جي پهرين دفاعي لائن آهن، انهن ٻيٽن تي تمر جا وسيع ٻيلا آهن جيڪي ڪراچي ڏانهن ايندڙن طوفانن کي روڪي سگهن ٿا، ڪجهه ماهرن اهو به امڪان ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن انهن ٻيٽن جو غلط استعمال ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ڪنهن وقت به خطرناڪ ترين طوفان ڪراچي شهر تي حملو ڪري ان کي تباهه ڪري سگهن ٿا.

اجلاس ۾ سول سوسائٽي جي ڪيترن ئي پر اهم ماڻهن کانسواءِ عارف علوي جيڪو هن وقت ملڪ جو صدر آهي ۽ اسد عمر جيڪو هنن وقت وفاقي وزير آهي اهي به موجود هئا، ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کانپوءِ هاڻ جيئن ته هو ملڪ جي اهم عهدن تي فائز آهن انهن خطرن جي حوالي سان حڪومت طرفان ٿيندڙ فيصلن تي اثرانداز  ٿيندا ۽ اهڙن قدمن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته هن وقت انڊس ڊيلٽا جي تحفظ لاءِ ڪي به اپاءَ نه پيا ورتا وڃن ان جي ابتڙ سنڌو درياءَ تي ڊيم مٿان ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، ٻئي طرف پاڻي جي 91ع واري معاهدي تي عمل ڪرڻ بجاءِ نالي ماتر سنڌو دريا جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي.

هڪ طرف اهو حال آهي ته ٻئي طرف سمنڊ جي ٻيٽن تي ڪيترائي شهر اڏڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن پر ان حوالي سان ڪنهن قدر اڳڀرائي پڻ ڪئي وئي آهي، ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي اڪثر سياسي ڌرين ۽ ماهرن ۾ بحث ڇڙيل آهي ته ڪٿي ائين ته ناهي جو هڪ طرف سنڌ جو سنڌي سمنڊ سان ناتو ئي ختم ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف سنڌو درياءَ کي سمنڊ کان پري رکيو وڃي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي انهن ڌرين کي شديد اعتراض آهن ۽ ان قسم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته سنڌ جي موجوده حڪمران پارٽي جي قيادت شايد پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انهن حساس اشوز تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟       (هلندڙ)