ڏوڪري: ڪاليج ۾ ايس او پيز تحت تدريسي عمل جو سلسلو جاري

news

ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبار ميمڻ)ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ تعليم ڪاليجز جي حڪم موجب يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا ڪلاسز ايس او پيز تحت هينڊ واش ۽ ماسڪ سان هلايا ويا، ان سلسلي ۾ پرنسپال پروفيسر عبدالڪريم سومرو. پروفيسر گلاب سومرو، پروفيسر سائين بخش قبولاڻي هڪ هڪ ڪلاس ۾ وڃي ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون ۽ تلقين ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرنسپال پروفيسر عبدالڪريم سومرو چيو ته يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا ڪلاس مڪمل طور ايس او پيز تحت هلايا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.