سنڌ سرڪار طرفان برسات سٽيل علائقن ۾ چوپائي مال لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي: صوبائي وزير عبدالباري پتافي

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته مخالف ڌر جي اي پي سي بعد وفاقي سرڪار جي انتقامي ڪاررواين سان موجوده ڪٺ پتلي حڪومت جي پت سڄي دنيا آڏو وائکي ٿي چڪي آهي. نيازي سرڪار جمهوريت جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر اصل حڪمران ڪي ٻيا آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت جيلن ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ واري ناهي، پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌر جون پارٽيون ملڪ ۾ اصل جمهوريت آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جيلن ۾ وڃڻ لاءِ به تيار آهيون.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوڄام ۾ قائم چوپائي مال جي هٿرادو طريقي سان نسل وڌائڻ واري تربيتي مرڪز ۾ هٿرادو طريقي سان نسل وڌائڻ جي تربيت حاصل ڪندڙن ۽ پئرا وٽرنري عملي کي ٻهراڙي جي مالوندن تائين پهچ لاءِ موٽرسائيڪلون فراهم ڪرڻ جي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته ڪجهه عقل جا انڌا سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته برسات سٽيل ماڻهن بدران چوپائي مال جو خيال ڪيو پيو وڃي، آئون انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جي 12 ضلعن ۾ برساتن سبب تباهي آئي آهي. ماڻهو دربدر آهن ۽ روڊن تي ويٺل آهن ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري چوپايو مال بک مري رهيو آهي ۽ چوپائي مال ۾ بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، ماڻهن جي گذر سفر جو دارومدار چوپائي مال تي آهي، جنهن ڪري بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي چوپائي مال لاءِ چارو، دوائون ۽ مڇرن کان بچاء لاءِ مڇردانيون فراهم ڪرڻ جو خصوصي پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته برسات سبب ماڻهن جو اڳ ئي وڏو نقصان ٿي چڪو آهي، جيڪو چوپايو مال بچيو آهي جيڪڏهن ان کي به بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو ته ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. اردو ميڊيا ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن بابت ٻٽي معيار وارو رويو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته برسات سٽيل علائقن ۾ چوپائي مال لاءِ 10 ڏينهن تائين سنڌ سرڪار طرفان کاڌو فراهم ڪيو ويندو. سنڌ ۾ تقريبن ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ جانور متاثر ٿيا آهن جن مان هن مهل تائين 70 لک جانورن کي وئڪسين ڪري چڪا آهيون ۽ وئڪسين جو سلسلو جاري آهي.

تقريب کي لائيو اسٽاڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر مظفر علي وگهيو، تربيتي سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر عبدالله سيٺار، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام وٽرنري فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر غياث الدين شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته پئرا وٽرنري عملي ۽ تربيت حاصل ڪندڙن کي موٽرسائيڪلون پڻ ڏنيون ويون.