بجلي ۽ پيٽرول جي نون اگهن جو فيصلو اڄ ڪيو ويندو

news

اسلام آباد: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع)پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي نون اگهن بابت فيصلو اڄ ڪيو ويندو. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾  گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي.

اوگرا طرفان حڪومت کي موڪليل تجويز ۾ چيو ويو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 3 کان 4 سيڪڙو في ليٽر گهٽتائي ڪئي ويندي.

اوگرا سفارش ڪئي آهي ته پيٽروليم ليوي جي شرح وڌائي قيمتون برقرار رکي سگهجن ٿيون. اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ٻن روپين تائين في ليٽر گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هيٺ مٿانهين جو فيصلو وزيراعظم جي مشوري سان ڪيو ويندو ۽ ناڻي واري وزارت نون اگهن بابت حتمي اعلان سڀاڻي ڪندي.

بجلي جي  ورهاست ڪندڙ ڪمپنين ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 98 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن تي نيپرا اڄ ٻڌڻي ڪندو. گذريل هفتي نيپرا بجلي جي قيمت هڪ روپيه 62 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن سبب صارفين تي 165 ارب روپين جو اضافي وزن پيو.

نيپرا 24 سيپٽمبر تي مالي سال 2020 جي ٻئي مهيني جي لاءِ 73 ارب ۽ ٽئين مهيني جو 91 ارب 80 ڪروڙ جو اضافي وزن وجهڻ جي منظوري ڏني هئي.