جيستائين نيب آهي هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪم نٿو ٿي سگهي: شاهد خاقان عباسي

news

راولپنڊي: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هي سموري سياسي انجنيئرنگ آهي ۽ جيستائين نيب هوندو هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪم نه ٿي سگهندو.

نيب راولپنڊي ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي(ن) ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۾ گرفتاري ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿي. شهباز شريف جو ٽرائل هلي رهيو آهي پوءِ به گيس  گرفتار ڪيو ويو آهي. هي سڀ سياسي انتقام جو سلسلو آهي. نيب ايم ڊي غلط مقرر ڪرڻ جو الزام لڳايو. اڄ پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو 6 سال اڳ پي ايم ڊي سي جي ايم ڊي جي مقرري آهي.

هن چيو ته اسان جون سموريون مقرريون غلط آهن بس هڪ مقرري صحيح آهي اها نيب چيئرمين جي مقرري آهي. اسان جي حڪومت واري دور ۾ نيب چيئرمين کان علاوه سموريون مقرريون غلط ٿيون آهن ته سمورين مقررين تي ڪيس ٺاهي تماشو بند ڪريو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب جو مقصد صرف سياستدانن ۽ وزيرن کي بيعزتو ڪرڻ آهي جيڪي سرڪاري آفيسر ايمانداري سان رٽائرڊ ٿي ويا انهن کي به نيب مختلف ڪيسن ۾ گهلي رهيو آهي.

ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ جڳهه تنگ ڪئي پئي وڃي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت پيسجي رهي آهي ۽  اها  ڀوائتي ڳالهه آهي   ڪنهن به ملڪ جمهوريت کان سواءِ ترقي ناهي ڪئي. اسان به نٿا ڪري سگهون. شاهد خاقان عباسي چيو ته هي سموري سياسي انجنيئرنگ آهي. مون کي گرفتار  ڪرڻو آهي ته ڪري وٺو پر ملڪ کي هلڻ ڏيو ڇو ته جيستائين نيب هوندو هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪم نه ٿيندو.

هن چيو ته احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق آهي.  وقت ٻڌائيندو ته عوام هن وقت پريشان آهي ۽ هن حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي  ٿو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته ماڻهو دعائون ڪندا آهن ته ڪابينه جو اجلاس نه ٿئي ته سٺو آهي. ڪابينه جي اجلاس ۾ دوائن جا اگهه وڌايا ويا.

حڪومت جا وزير 174 پريس ڪانفرنسون ڪري چڪا آهن. وزارتن ۾ هاڻ ڪم نه پيو ٿئي صرف هنن جو سڄو زور پريس ڪانفرنسن تي آهي. جڏهن ته مني لانڊرنگ هڪ فيشن ايبل لفظ بڻجي چڪو آهي. جڏهن ته نه وزيرن، نه وزيراعظم ۽ نه ئي نيب کي مني لانڊرنگ جي خبر آهي. پريس ڪانفرنس ڪرڻ آسان ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ان کان به آسان ڪم آهي.