اينٽي ڪرپشن کاتي جا ٻارنهن ملازم ڪرپشن جي الزام ۾ نوڪرين تان فارغ

news

لاهور: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع) ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب جا آفيسر ۽ اهلڪار ئي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ موجب ڪرپشن کان بچاءُ لاءِ قائم ڪيل اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب جا آفيسر ۽ اهلڪار پاڻ ئي ملوث نڪتا.  پنجاب جي ڊي جي اينٽي ڪرپشن گوهر نفيس نوٽيس وٺندي 12 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن گوهر نفيس جن ماڻهن کي نوڪرين تان فارغ ڪيو انهن ۾ سب انجنيئر، اسٽينو گرافر، ڪلرڪن سميت پوليس اهلڪار به شامل آهن. سمورن ماڻهن جي خلاف ايف آءِ آرز به داخل ڪيون ويون آهن. نوڪرين مان فارغ ۽ محڪماڻيون سزائون ماڻيندڙن مان هڪ جو تعلق اينٽي ڪرپشن جي هيڊ ڪوارٽر جڏهن ته ٻين جو ساهيوال، فيصل آباد، سرگودها، ملتان ۽ ڊيره غازي خان سان آهي.

ان حوالي سان ڊي جي اينٽي ڪرپشن گوهر نفيس چيو آهي ته ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ اينٽي ڪرپشن جي اندر صفائي به ضروري آهي. جيڪو به اهلڪار يا آفيسر بدعنواني ۾ ملوث نظر آيو ته اهو سزا کان بچي نه سگهندو.