وزيراعظم مٿان تنقيد: تحريڪ انصاف فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي

news

ڪراچي: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع) تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گيس بحران تي پنهنجي ئي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ ئي وزيراعظم عمران خان کي به تنقيد جو نشانو بنايو هو. ان کان پوءِ فردوس شميم نقوي پنهنجي بيان تي ٽوئٽ ذريعي معذرت به ڪئي هئي پر پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مرڪزي قيادت فردوس شميم نقوي کان فوري طور تي اپوزيشن اڳواڻ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کان پوءِ فردوس شميم نقوي سنڌ اسمبلي ۾ پنهنجي پارٽي جي سمورن ميمبرن سان مشورا ڪيا آهن جڏهن ته اعليٰ اڳواڻن سان به رابطي جي ڪوشش ڪئي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته فردوس شميم نقوي هن معاملي تي وزيراعظم سان ملاقات جي لاءِ اسلام آباد به ويو پر اتي ٻه ڏينهن ترسڻ جي باوجود هن جي وزيراعظم سان ملاقات نه ٿي سگهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعن فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.