هاڻ واٽس ايپ تي اوهان ٻين جي موبائل مان وڊيوز ۽ تصويرون به ڊليٽ ڪري سگهندو

news

لنڊن: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع) واٽس ايپ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ صارفين ٻين جي موبائل فون تي موڪليل ميڊيا يعني وڊيوز، تصويرون ۽ جف فوٽوز کي ڊيليٽ ڪري سگهندو.

واٽس ايپ جي آزاد ماهرين ڊبليو اي بيٽا جي موجب هي فيچر ميسج باڪس جي بالڪل برابر ۾ ڏنو ويندو ۽ صارفين  ڪوبه ميڊيا موڪلڻ کان اڳ ان جي چونڊ ڪري سگهندو.

رپورٽن موجب هن فيچر جي ذريعي تصويرون يا وڊيو موڪلڻ کان اڳ ايڪسپائرنگ ميڊيا جو آپشن چونڊ ڪرڻ تي جيئن ئي سامهون وارو ان پيغام کي ڏسي(سين) وٺندو ته هو پاڻمرادو ڊيليٽ ٿي ويندو. پر هتي اهو واضح رهي ته جيڪڏهن ڪنهن صارف پاڻ  خودڪار طريقي سان پنهنجي فون  مان  ميڊيا کي محفوظ رکڻ جو فيچر چونڊ ڪيو ويندو ته اهو تصويرون ڊيليٽ ٿيڻ کان اڳ پيغام وصول ڪندڙ اسمارٽ فون ۾ محفوظ ٿي ويندو. رپورٽون آهن ته اهو  فيچر اينڊرائڊ جي ورزن سان گڏ فراهم ڪيو ويندو جيڪو هن  وقت تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي.

برطانوي ويب سائٽ ميل آن لائن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي واٽس ايپ ڪنهن به امڪاني فيچر تي تبصرو ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي. پر ڊبليو اي بيٽا جي موجب واٽس ايپ اهو فيچر گوگل پلي بيٽا پروگرام ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.