شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان سانوري رنگ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيو

news

ممبئي: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد جو نشانو بنائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

سهانا خان پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن تنقيد جو نشانو بنائيندڙن کي اسڪرين شارٽ شيئر ڪيا ۽ هڪ ڊگهي ڪيپشن جي ذريعي کين جواب ڏئي ڇڏيو. سهانا خان پنهنجي پوسٽ جي ذريعي ٻڌايو ته جڏهن مان 12 سالن جي هئس تڏهن کان ئي مون کي رنگ ۽ لڪس جي ڪري تمام گهڻو تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.

هن ڪجهه اسڪرين شارٽ به شيئر ڪيا جنهن ۾ ماڻهو کيس ڪاري ٻلي، چري ۽ اهڙي طرح جا تبصرا ڪندي نظر اچي رهيا هئا. سهانا خان چيو ته هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف مون سان گڏ ناهي پر  مون جيان تمام گهڻن نوجوانن سان به ٿي رهيو آهي جيڪو بنا ڪنهن سبب جي احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا آهن.

شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان جي ان پوسٽ تي ڪيترن ئي اداڪارن ۽  اداڪارائن طرفان به تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي.